سنڌ بورڊ آف روينيو

سنڌ بورڊ آف روينيو

بورڊ آف روينيو

بورڊ آف روينيو: سنڌ ۾ روينيو نظام تمام پراڻو آهي، جيڪو ڪلهوڙن جي دور کان شروع ٿيو. ميرن جي صاحبيءَ ۾ آبپاشيءَ جي حوالي سان ڪي نوان واهه کوٽايا ويا هئا، پر ڍل اوڳاڙڻ ۽ زمينن بابت ٻيو نظام ساڳيو رهيو. 1843ع ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو. انتظامي طور مضبوط ٿيڻ کانپوءِ 1856ع کان انگريزن سنڌ جي نئين روينيو سروي ڪرائي، جنهن کي ڪائونٽر سروي (Counter Survey) چيو ويو. هي ڪم 1863ع ۾ مڪمل ٿيو، نئين سروي موجب ڪچا نقشا (Topo sheets) تيار ڪري، ضلعن ۽ تعلقن جون حدون مقرر ڪيون ويون. 1864ع ۾ روينيو رڪارڊ جي گهڻ رخي ڪم (Original Settlement) جي شروعات ٿي، جنهن ۾ ديهن جون حدون مقرر ڪرڻ کانسواءِ سروي رجسٽريشن ۽ بندين جي تياري به شامل هئي، نئين سروي موجب سڄيءَ ديهه جي زمين کي سروي نمبرن ۽ نمبرن ۾ ورهايو ويو. 1875ع ۾ سروي رڪارڊ کي ٻيهر جاچيو (Revision Settlement) ويو ۽ وڏن سروي نمبرن کي ننڍن سروي نمبرن ۾ ورهايو ويو ۽ انهن سروي نمبرن جا دنگ به نروار ڪيا ويا، اها حدبندي گهڻو ڪري اڄ تائين قائم آهي. سواءِ وقت به وقت ڪجهه ديهن جي، جتي مختلف حڪومتي اختيارن هيٺ مختلف ضلعن جي حدبندين جي ڪري تبديليون ڪيون ويون آهن. 1911ع ۾ حڪومت طرفان لئنڊ رجسٽر تيار ڪرائڻ شروع ڪيا ويا، ساڳيءَ ريت حقن جو رڪارڊ (Record of Rights) پڻ تيار ڪرايو ويو، مالڪيءَ جي رڪارڊ لاءِ فارم ج-الف ٺاهيو ويو، جنهن ۾ زمين جي مالڪ جو نالو ۽ حق جو قسم داخل ڪيو ويو ۽ مالڪيءَ ۾ ڦيرڦار کي رڪارڊ تي آڻڻ لاءِ فارم ذ- الف تيار ڪيو ويو. 1880ع ۾ انگريز سرڪار طرفان ’دي بمبئي لئنڊ روينيو ائڪٽ 1879ع‘ جاري ٿيو، جيڪو سنڌ سان به لاڳو ڪيو ويو ۽ سنڌ ۾ ان وقت جي ٽنهي ڪليڪٽوريٽس يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ روينيو معاملن کي اڪلائڻ لاءِ اهو ڪوڊ استعمال ٿيڻ لڳو ۽ ون يونٽ کان اڳ تائين اهو ئي ڪوڊ لاڳو رهيو. سن 1955ع ۾ ون يونٽ قائم ڪري، سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان کي ملائي ’اولهه پاڪستان‘ نالي سان هڪ صوبو ٺاهيو ويو، جنهنڪري اڳتي هلي اولهه پاڪستان صوبي لاءِ لئنڊ روينيو جو هڪجهڙو قانون جاري ڪرڻو پيو، جيڪو قانون يعني مغربي پاڪستان لئنڊ روينيو ائڪٽ 1968ع جي صورت ۾ سامهون آيو. 1969ع ۾ عوامي هلچل جي نتيجي ۾ ون يونٽ ختم ڪري پراڻا صوبا بحال ڪيا ويا، مگر سنڌ سرڪار، مغربي پاڪستان لئنڊ روينيو ائڪٽ کي ’سنڌ لئنڊ روينيو ائڪٽ‘ جي صورت ۾ ئي اختيار ڪيو. موجوده لئنڊ روينيو ائڪٽ گهڻي ڀاڱي ’پنجاب لئنڊ روينيو ائڪٽ 1887ع‘ تان ورتل آهي، تاهم شروع کان وٺي ڪيترا قلم، جيڪي سنڌ جي معروضي حالتن پٽاندر نه هئا، تن کي سنڌ ۾ لاڳو نه ڪيو، جهڙوڪ پنجاب ۾ رائج سرداري نظام ۽ حقن جي رڪارڊ جو مخصوص سرشتو. اهڙيءَ طرح هن ائڪٽ ۽ ان هيٺ جاري ڪيل قاعدن ۾ به سنڌ جي حالتن مطابق وقت به وقت تبديلي ڪئي وئي. اهڙيءَ ريت هي ’لئنڊ روينيو ائڪٽ، ’سنڌ لئنڊ روينيو ائڪٽ 1967ع‘ جي نالي سان سنڌ ۾ رائج رهيو ۽ اڄ تائين عمل هيٺ آهي. هن ائڪٽ جا نالا ته تبديل ٿيندا رهيا، پر ڪن ضروري ڳالهين کي برقرار رکڻ ۽ نين ترميمن جي ضرورت کي گهٽ محسوس ڪيو ويو. ايتري تائين جو ’دي سنڌ لئنڊ روينيو ڪوڊ 1879ع‘ ۾ سرڪاري زمينن جي نيڪال بابت جيڪي قاعدا قانون موجود هئا، سي ’سنڌ لئنڊ روينيو قانون 1967ع‘ ۾ شامل نه ڪيا ويا ۽ 1879ع وارو ڪوڊ به هن قانون جي اچڻ سان باقي عمل ۾ نه رهيو، نتيجي طور ڪجهه وقت تائين سنڌ جي سرڪاري زمينن جي نيڪاليءَ بابت ڪو به قاعدو قانون موجود نه هو ۽ ان ڳالهه جو ڪنهن به سطح تي نوٽيس نه ورتو ويو. آخرڪار ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ 6 ڊسمبر 1969ع ۾ پنجاب صوبي ۾ لاڳو ’ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لئنڊس ايڪٽ پنجاب-1912ع‘ کي سنڌ ۾ نافذ ڪيو ويو ۽ هن ائڪٽ جو نالو ’ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لئنڊس ائڪٽ 1912ع‘ رکيو ويو. هن وقت سنڌ جي روينيو رڪارڊ جو سڄو معاملو ’سنڌ لئنڊ روينيو ايڪٽ 1967ع‘ هيٺ هلايو وڃي ٿو ۽ سرڪاري زمينن کي نيڪال ڪرڻ لاءِ ’ڪالونائيزيشن آف گورنمينٽ لئنڊس ائڪٽ 1912ع‘ کي ڪتب آندو وڃي ٿو. سنڌ روينيو کاتو (سنڌ بورڊ آف روينيو) بنيادي طور 1967ع جي ائڪٽ تحت جوڙيو ويو، جنهن کي ون يونٽ ٽٽڻ کانپوءِ 1976ع ۾ ’سنڌ بورڊ آف روينيو‘ طور ڄاتو ويو. سنڌ بورڊ آف روينيو 1967ع واري لئنڊ ائڪٽ جو پاسدار کاتو آهي، جيڪو زمينن جي پيداوار، آمدنيءَ جي ٽيڪس (ڍل) کان وٺي زمين جي رڪارڊ ۽ ورهاست ۾ بااختيار حيثيت رکي ٿو ۽ سنڌ حڪومت جي انتظامي زمري ۾ ايندڙ هي کاتو خودمختيار آهي. سنڌ بورڊ آف روينيو، زمين جي مالڪن جي حق جو محافظ هئڻ سان گڏ زميني تڪرارن جي نبيري ۽ سرڪاري زمين جي ورهاست جا اختيار به رکي ٿو. هي کاتو وقت به وقت پنهنجون ڪورٽون جوڙي زميني تڪرار نبيريندو آهي. ان کانسواءِ هن اداري جي جوڙجڪ ۾ به ڪي ڪورٽون شامل آهن، جيڪي اهڙا فيصلا ڪنديون رهن ٿيون. سنڌ بورڊ آف روينيو جي سيڪريٽريٽ هن وقت شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ آهي ۽ ڪئمپ آفيس ڪراچيءَ ۾ آهي، جڏهن ته ضلعن ۽ تعلقن کانسواءِ تپن جون الڳ الڳ آفيسون پنهنجي حدن اندر ڪم ڪنديون رهن ٿيون. هن وقت بورڊ آف روينيو منظم ۽ صحيح انتظامي سرشتي طور ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ ابتدائي هدايتن سان گڏ تپاسن ۽ جاچ لاءِ ريجنل روينيو آفيسر موجود آهن. ڊويزنل هيڊڪوارٽرن ۾ روينيو جا ڊويزنل آفيسر ڪم ڪن ٿا، جڏهن ته ضلعن ۾ ضلعي آفيسر ڪم ڪن ٿا ۽ انهن جي هٿ هيٺ مختيارڪار آهن. ضلعن توڙي تعلقن جي روينيو آفيسن ۾، گڏيل حصيداري، جمع بندي، اوڳاڙي، بي باقي، حق جا ڪاغذ، موروثي ورهاست/ لکپڙهه، داخل خارج، گهٽ وڌ کاتن، فوتي کاتن ۽ حد بندين جي سروي ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي 23 ضلعن جي تعلقن ۾ مختيارڪار مقرر آهن، پر گڏوگڏ ڳوٺ آباد جا 23 مختيارڪار الڳ مقرر آهن، انهن کانسواءِ سنڌ جي 121 تعلقن ۽ ننڍن شهرن جون آفيسون مختيارڪارن جي هٿ هيٺ ڪم ڪن ٿيون. سنڌ جي 10 ضلعن ۾ مختلف سرڪاري کاتن طرفان خاص 10 الڳ مختيارڪار ڪم ڪن ٿا، ان کانسواءِ 15 ٻيا مختيارڪار ڪارائتي زمين جي اوڳاڙيءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا، مختيارڪارن جي ماتحت سپروائيزنگ تپيدار ۽ تپيدار ڪم ڪن ٿا ۽ گڏوگڏ اسسٽنٽ مختيارڪار يعني هيڊ منشي، منشي ۽ سرشتيدار به مختيارڪار جا ٻانهن ٻيلي هوندا آهن. سنڌ جي 257 سرڪلن ۽ مختلف تپن ۾ 1450 تپيدار ڪم ڪن ٿا، جن جي اختيارن ۾ 5979 ديهون آهن. سنڌ بورڊ آف روينيو جي سرگرميءَ سان کاتي جا عملدار، زميندار، روينيو اڪيڊمي ۽ وڪيل توڙي عوام لاڳاپيل آهي، جنهن جي الڳ الڳ شعبن جون وري الڳ الڳ ڪارڪردگيون ۽ ڪم آهن. سنڌ بورڊ آف روينيو جي تشڪيل انتظامي هئڻ سان گڏوگڏ اوڳاڙي ڪندڙ به آهي. انگريز دور کان وٺي ڪمشنر کي ان ڪري ڪليڪٽر به چيو ويندو هو، جو اهو انتظامي حوالي سان پنهنجي حدن اندر ٽيڪسن/ ڍل وغيره جي اوڳاڙي به ڪندو هو. بورڊ آف روينيو جا سمورا ميمبر کاتي جا اعليٰ آفيسر هوندا آهن. بورڊ آف روينيو ۾ جيڪي به شاخون اچن ٿيون، انهن جا سربراهه بورڊ آف روينيو جا ميمبر هوندا آهن. انتظامي حوالي سان سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، سيڪريٽري/ چيف لينڊ ڪمشنر هوندو آهي. ان کانسواءِ سيڪريٽري لينڊ ڪميشن، سيڪريٽري روينيو ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر به هوندا آهن. سنڌ بورڊ آف روينيو جي شاخن ۾: • سُڌاري/ اصلاح واري ونگ ۽ خاص سيل (Reform Wing and Special Cell -R.S) • دفتري داخلا، اسٽامپ ۽ اويڪيو پراپرٽي شاخ (Registration, Stamp & Evacuee Property- RS & EP) • ڳوٺ آباد (Goth abad) • خاص عدالت پهرين، ٻي ۽ ٽين(Judicial I, II, III) • زمين جي نيڪاليءَ واري شاخ (Land Utilization Wing- LU) • معاون ۽ امدادي شعبو (Relief Department) • سنڌ جي رياستي انتظام جي پيشه ور اڪيڊمي (Sindh Civil Services Academy) • پلاٽن جي تسلسل ۽ تپاس جي ڊائريڪٽوريٽ (Directorate of Evaluations Inspection) • صوبائي رڪارڊ وارو سيل (Provincial Record Cell) - شامل آهن. جڏهن 1970ع کان بورڊ آف روينيو جو هاڻوڪو نظام وجود ۾ آيو آهي، تڏهن کان سنڌ بورڊ آف روينيو جا سينئر ميمبر ترتيبوار هيٺيان رهيا آهن: • نصرت حسين (1970ع کان 1973ع تائين) • قطب علي شاهه حسيني (1973ع کان 1979ع تائين) • عبدالله ڊي. بلوچ (1979ع کان 1982ع تائين) • علي ڏنو پنهور (1983ع کان نومبر 1983ع تائين: 6 مهينن لاءِ) • علي محمد جي. شيخ (1984ع کان اپريل 1984ع تائين: چئن مهينن لاءِ) • الهه بخش سومرو (اپريل 1984ع کان ڊسمبر 1984ع تائين: 8 مهينن لاءِ) • رفيق حسن آغا (1984ع کان 1985ع تائين) • امير يوسف علي خان (1986ع کان 1987ع تائين) • عبدالڪريم لوڌي (1987ع کان 1988ع تائين) • سيد سردار احمد (1988ع کان 1990ع تائين) • سليم خان (1990ع کان 1994ع تائين) • جيوڻ خان (1994ع کان 1996ع تائين) • مرزا قمر بيگ (1996ع کان 1997ع تائين) • محمد صلاح الدين قريشي (جولاءِ 1997ع کان ڊسمبر 1997ع تائين: ڇهن مهينن لاءِ) • شيخ نظير احمد (ايڊيشنل چارج: 1997ع کان 1998ع تائين) • محمد جاويد اشرف حسين (1998ع کان 1999ع تائين) • منظور حسين ڀٽو (1999ع کان 2004ع تائين) • مرزا ڪريم بيگ (2004ع کان 2005ع تائين) • اعجاز حسين قاضي (ايڊيشنل چارج: فبروري 2005ع کان اپريل 2005ع تائين: ٻن مهينن لاءِ) • سيد انوار حيدر زيدي (2005ع کان 2008ع تائين) • اشفاق احمد ميمڻ (2008ع کان 2009ع تائين) • غلام علي شاهه پاشا (2009ع کان 2011ع تائين) • شمعون پيروز (2011ع کان 2013ع تائين) • ملڪ اسرار حسين (اپريل 2013ع کان جولاءِ 2013ع تائين: ٽن مهينن لاءِ) • شاهد گلزار شيخ (جولاءِ 2013ع کان جاري آهي). 18 ترميم کانپوءِ سيلز ٽيڪس ۽ وفاق کان صوبين ڏانهن منتقل ٿيندڙ ٻيا ٽيڪس وصول ڪندڙ الڳ ’سنڌ روينيو بورڊ‘ قائم ڪيو ويو آهي.


لفظ بورڊ آف روينيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو